ٽيٽيهر

ٽيٽيهر

ٽيٽيهر

ٽيٽيهر

ٽيٽو ٽيٽيهر

ٽيٽو، ٽيٽيهر: هي هڪ قسم جو ڍانڍي پکي، جنهن جي پٺي ڪاري ۽ ٽنگون ڳاڙهيون ٿينديون هيون. هي پکي مٽي کائيندڙ، جهرڪيءَ کان وڏو هوندو آهي. ننڍڙو روهاڳي/ روهاڪي (جابلو) پکي، جيڪو موسم تي پيڻ (پکي) سان گڏ ايندو آهي. شڪاريءَ هن پکيءَ جو شڪار شوق سان ڪندا آهن، ڇو ته کائڻ ۾ لذيذ آهي. هن جو وزن 60 گرامن برابر مس ٿئي ٿو. ٽيٽو اڇو لِموسا Black-tailed Godwit / Limosa limosa: 45 سينٽي ميٽر جسامت واري هن ٽيٽي جو مجموعي رنگ هلڪو سرمائي آهي. ان جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. هن جي مُنڍي، ڳچي ۽ مٿيون جسم سرمائي رنگ جو ۽ ڇاتي ۽ پيٽ اڇو ٿئي ٿو. هن جي چهنب سڌي ۽ ڊگهي، پڇ ننڍڙو ڪارو ۽ ٽنگون ڊگهيون سرمائي ٿينديون آهن. گپ وارن علائقن ۾ ملي ٿو. بنيادي طرح ساحلي پکي آهي.ٽِيٽو، ماڃري (اسناف) Marsh Sandpiper/Tringa stagnatilis: هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. پٺي سرمائي ناسي، چهنب ڊگهي ۽ ٿوري هيٺ وريل، اڇي پيشاني، اڇو پيٽ ۽ پُڇ تي ويجها ويجها پٽا هوندا اٿس. ٽيٽو، سائي نريءَ وارو (اسناف) Greenshank / Tringa nebularia: 36 سينٽي ميٽر جسامت جي هن ٽيٽي جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. ان جون ڊگهيون ٽنگون سائي رنگ جون هونديون آهن ۽ ڊگهي ڪاري چهنب مٿي وريل ٿئيس ٿي. هي گيتي ٽيٽي(Redshank) کان وڏو ۽ رنگ ۾ هلڪو ٿئي ٿو. هن جا پَر سڄا ڪارا ۽ پڇ تي ڊگهو اڇو چٽو ٿئي ٿو. ان جي چيخ تکي ٿئي ٿي. هي پکي گپ وارن علائقن ۾ رهي ٿو. ٽيٽو، گيتي (اسناف) Redshank / Tringa tetanuss: 28 سينٽي ميٽر (11 انچ) جسامت واري هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. ان جي خاص سڃاڻپ سندس ڊگهي ۽ ڪاري نوڪ سان ڳاڙهسري چهنب ۽ ڊگهيون نارنگي ڳاڙهيون ٽنگون آهن. ان جي سِسي، ڇاتي ۽ پٺي سرمائي رنگ جون آهن جن تي ڪارا لينگها ٿين ٿا. پيٽ اڇو ۽ ان تي هلڪا هلڪا داغ اٿس. گيتي ٽيٽو اُڀو بيهندو آهي. خبردار ۽ ٽاهڙ طبيعت جو آهي ۽ ڪنهن ڌارئي وجود کي هڪدم محسوس ڪري وٺندو آهي. ان جو آواز سيٽيءَ جهڙو، چٽاءَ ڏيندڙ چيخن جهڙو آهي، جنهن سان آس پاس جي سڀني پکين کي هوشيار ڪري ڇڏيندو آهي. اڏامڻ مهل پُڇ جا اڇا پر نظر ايندا آهن. بهار جي مند ۾ گاھن ۽ آبي چراگاهن ۾ رهي ٿو ۽ افزائش نسل ڪري ٿو. جيت ۽ ٻيا بنا ڪرنگهي وارا جانور کائيندو آهي. ھي پنھنجو گهرڙو/ آکيرو زمين کي پيرن سان کرڙي کڏ ٺاھيندو آهي. هن جو گهرڙو/ آکيرو ڊگهي گاهه ۽ ٻوٽن ۾ لڪل ٿيندو آهي. ٽيٽو، ننڍي ڳانيءَ وارو Little Ringed Plover/ Charadrius dubius: 15 سينٽي ميٽر جسامت واري هن ٽيٽي جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. مٿي ۽ پٺيءَ جو رنگ ميرانجهڙو ناسي ٿيندو اٿس. اکين تي حلقو، هيڊيون گلابي ٽنگون، پيٽ اڇو ۽ ڳچيءَ ۾ ڪارو ڳانو ٿئيس، جيڪو اڪثر نا مڪمل هوندو آهي. پَرن جي پوئين ڪناري تي گهري سرمائي ليڪ هوندي اٿس. ٻين ٽيٽن وانگر هي پکي به اوچتو ڊوڙ ڀري وري هڪدم بيهي رهندو آهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو آهي. طبيعت ۾ ٽاهڙ آهي. ان جو اڳيون بُت مشيني انداز ۾ هيٺ جهڪندو اٿس. هي مقامي پکي آهي ۽ ان جي ٻولي هيٺانهين ، گهٽ آواز ۽ ورجاءَ واري آهي. ٽيٽو، ننڍو سادو Little Stint / Calidris minutatus: هن 15 سينٽي ميٽر جسامت واري ننڍڙي خوبصورت پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. البت سياري ۽ اونهاري ۾ ان جو رنگ ڪجهه مٽجندو آهي. مجموعي طرح ان جي ميرانجهڙي پُٺيءَ تي گـهرا لينگها، ڳچي ۽ پيٽ اچا، چهنب سڌي ۽ ننڍي ۽ ٽنگون ڪارسريون ٿين ٿيون. هي ننڍڙو ۽ سرگرم پکيئڙو سرد علائقن ۾ نسل وڌائي ٿو ۽ سياري ۾ ميداني پٽن ۾ يا ڍنڍن ڪناري اچي آباد ٿئي ٿو. تمام متحرڪ رهي ٿو، هر وقت ننڍڙا آبي جاندار ڳوليندو رھندو آھي، جيڪا سندس خوراڪ آهي. اڏار ۾ به تڪڙو آهي ۽ ڳتيل ولر ٺاهي اڏامي ٿو جيڪو هيڏانهن هوڏانهن خاص ترتيب ۾ ڦرندو آهي. ٽيٽو ننڍو Kentish Plover/ Charadrius alexandrinus: 15 سينٽِي ميٽر جسامت جو هي ننڍڙو ٽيٽو لڳ ڀڳ ننڍي ڳاني ٽيٽي جهڙو ئي آهي، پر هن ۾ ٻه فرق نمايان آهن، هڪ ته هن کي ڳانو آهي، ٻيو ته هن جي مٿي تي ڪاري ليڪ نه آهي، پر سندس مٿي جو رنگ هلڪو اخروٽي ٿئي ٿو. هن کي اکين کان ڪياڙيءَ تائين ڪجل وانگر ڪارو پٽو به ٿئي، جيڪو ماديءَ کي نه ٿيندو آهي. هن جي پٺي پٿريلي ناسي ۽ هيٺيون پيٽ وارو حصو اڇو ٿئي ٿو. هي پکي سياري ۾ گهڻو ڏسبو آهي، ٻين ٽيٽن سان به ڏسبو آهي. تمام ڦڙت آهي. ٽنگون ننڍيون اٿس، پر گپ ۾ به تکو هلندو آهي، ان جي ٻولي چٽِي، ٻِٽي ۽ تکي آهي. ٽيٽو لاڏوڻي، ابلق ٽيٽو Pied Avocet/ Recurvirostra avosetta:43 سينٽي ميٽر (17 انچ) جسامت واري هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿيندا آهن. رنگ جو اڇو ۽ ڪارو ٿئي ٿو. مٿو، ڪنڌ، پرن جا ڪلها ۽ پرن جون پڇڙيون ۽ پڇ ڪارو ٿئيس ٿو. ڳچي، ڇاتي، پيٽ، پُٺي اَڇي ۽ پرن جي وچين حصي ۾ به اڇا کنڀ ٿينس ٿا. هن پکيءَ جي چهنب ڊگهي، ڪاري ۽ مٿئين پاسي مڙيل ٿئي ٿي. ابلق ٽيٽي جا پير بدڪ وانگر ڳنڍيل هوندا آهن، جيڪا ڪنڌيءَ تي رهندڙ پکين جي عام وصف نه آهي. هي پکي مٺي جي ڍنڍن، ساحلي ڍنڍن ۾ تانگهن پاڻين تي نظر ايندو آهي. هن جي شڪار ڪرڻ جو طريقو هي آهي ته پاڻيءَ ۾ بيهي پنهنجي چهنب پاڻيءَ ۾ وجهي مٿو ۽ چهنب هيڏانهن هوڏانهن گهمائيندو آهي ۽ ڪوبه آبي جانور چهنب کي لڳس ته جهٽ هڻي وٺندو آهي. هي شڪار جو پيڇو به ڪندو آهي ۽ بدڪ وانگر ترندو به آهي. هي پنهنجو آکيرو کليل ڪنڌين تي ٺاهيندو آهي، زمين تي هلڪي کڏ تي گاهه، ڪانا ۽ پٿراڙيون چونڊي ٺاهيندو آهي. سڄي يوريشيا ۽ آفريڪا ۾ به ٿئي ٿو. ٽيٽيهر (ڳاڙهي پاپڙيءَ وارو) Red-wattled Lapwing /Hoplopterus indicus, Vanellus indicus/: 33 سينٽي ميٽر جسامت واري هن ٽيٽيهر جا نرماد هڪجهڙا ٿين ٿا. هن جو مٿو، ڪنڌ، ڳچي ۽ گلو ڪارو ٿئي ٿو. اک کان ڪياڙيءَ وٽان ڪلهن کان ٿيندو پيٽ ۽ سڄو هيٺيون حصو اڇو ٿئيس. نَڪ تي ڳاڙهي پاپڙي ۽ پٺي ۽ پَـر سليٽي رنگ جا اٿس. پَـرن تي ڪي قدر ڪٿئي رنگ جا چمڪدار کنڀ ٿين ٿا. هي پکي پوکن ۽ کليل ڇَر وارن علائقن ۾ عام ٿئي ٿو. ٻوليءَ ۾ شور اٿس ۽ هڪ ئي وقت ۾ چار زوردار ڦرڻيون چيخون ڪندو آهي. اڪثر جوڙيءَ ۾ ڏسبو آهي. اڏام جو ڍرو آهي، جيئن اڪثر ٻين ٽيٽن جي اڏار هوندي آهي. گول پَـر زور سان ڦڙڪائيندو آهي. مادي، زمين يا گاهه تي ٽي چار چٽڪمرا آنا ڏيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو